روٽري انٽرنيشنل/ روٽري ڪلب

روٽري انٽرنيشنل/ روٽري ڪلب

روٽري انٽرنيشنل روٽري ڪلب

روٽري انٽرنيشنل/ روٽري ڪلب (Rotary International): هيءَ بين الاقوامي سطح جي سماجي تنظيم آهي، جيڪا عام طور ’روٽري ڪلب‘ جي نالي سان مشهور آهي. هن تنظيم جو مقصد ڪاروباري طبقن، ادارن ۽ پيشه ور اڳواڻن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري، انهن وسيلي پوئتي پيل ملڪن ۽ سماجن ۾ انساني خدمتون سرانجام ڏيڻ آهي. هن تنظيم جو هڪ مقصد دنيا ۾ امن امان ۽ اخلاقي قدرن کي پکيڙڻ آهي.
هيءَ هڪ روادار (Secular) سماجي تنظيم آهي، جنهن ۾ ڪنهن به قوم، مذهب، رنگ، نسل، جنس ۽ سياسي وابستگي رکندڙ فرد شامل ٿي سگهن ٿا. موجوده وقت ۾ هن تنظيم جا 34282 ڪلب ۽ لڳ ڀڳ 1.2 ملين ميمبر سڄيءَ دنيا ۾ پکڙيل آهن. روٽري ڪلب سان لاڳاپيل ميمبرن کي عام طرح ’روٽيرين‘ (Rotarians) چئبو آهي.
روٽري ڪلب جو ابتدائي اصول ذات کان مٿي خدمت (Service above self) پئي رهيو آهي. هن سماجي تنظيم جي جڙڻ جو بنيادي ۽ اهم نُڪتو هر فرق کان هٽي انسانن لاءِ اعليٰ خدمتن جي فراهميءَ کي يقيني بنائڻ آهي.
روٽري ڪلب جو بنياد اٽارني پائول پي. هيرس، 23 فبروري 1905ع ۾ پنهنجن ٽن دوستن: شيلي (Schiele)، گستاو اِي. لوهير (Gustave E. Loehr) ۽ هيرم اِي. شور سان گڏجي رکيو ۽ تنظيم جو نالو ’روٽري‘ تجويز ڪيو، ڇاڪاڻ ته ابتدائي طور اُهي مختصر ميمبر ڪلبن جون هفتيوار گڏجاڻيون هڪٻئي جي آفيسن ۾ منعقد ڪندا هئا.
ڪلب جي قيام کان پوءِ هڪ سال جي مختصر عرصي ۾ ميمبرن جو تعداد ايتريقدر وڌي ويو، جو اهو شڪاگو جو وڏو ڪلب تصور ٿيڻ لڳو. شڪاگو ۾ مقبوليت ماڻڻ بعد هن تنظيم جون چار شاخون آمريڪا جي اولهه طرف وارن شهرن: سان فرانسسڪو (San Francisco)، آڪلينڊ (Oakland)، لاس اينجلس (Los Angeles) ۽ سياٽل (Seattle) ۾ قائم ڪيون ويون ۽ 1910ع ڌاري هن تنظيم جو نالو تبديل ڪري ’نئشنل ائسوسيئيشن آف روٽري ڪلب اِن آمريڪا‘ رکيو ويو. 22 فيبروري 1911ع تي، هن سماجي تنظيم کي اتر آمريڪا کان ٻاهر ونيپيگ (Winnipeg)، مانيتوبا (Manitoba) ۽ ڪئناڊا (Canada) ۾ شاخون قائم ڪرڻ جي اجازت ملي. اهڙيءَ ريت هيءَ آمريڪي نوعيت جي پهرين سماج سڌارڪ تنظيم هئي، جنهن کي آمريڪا کان ٻاهر ٻين ملڪن ۾ به سماجي سُڌارن ۽ ترقيءَ لاءِ ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي.
1912ع ڌاري هن تنظيم جو ٻيهر نالو بدلائي ’انٽرنيشنل ائسوسيئيشن آف روٽري ڪلب‘ رکيو ويو.
پهرين مهاڀاري لڙائيءَ دوران برطانيا ۾ هنن ڪلبن جو تعداد 9 مان وڌي 22 تائين پهتو. ساڳيءَ ريت 1916ع ۾ ڪيوبا، 1919ع ڌاري چين، 1920ع ۾ هندستان ۽ ٻين ملڪن ۾ هن سماجي تنظيم جي روٽري ڪلبن جو بنياد پيو.
1922ع کان موجوده وقت تائين هيءَ سماجي تنظيم ’روٽري انٽرنيشنل‘ ۽ ’روٽري ڪلب‘ جي نالي سان مشهور آهي. 1925ع تائين هن تنظيم جا 200 ڪلب ۽ 20،000 ميمبر رجسٽر ٿيل هئا. وقت سان گڏ هن ڪلب جي شاخن ۽ ميمبرن ۾ تمام تيزيءَ سان اضافو ٿيندو پئي رهيو.
1927ع کان اڳ جرمنيءَ ۾ ڪا به روٽري ڪلب موجود نه هئي. 1933ع ۾ نازي اختيارين روٽري ڪلب ٺاهڻ جي اجازت ڏني ته جيئن ان ۾ نازي پارٽيءَ جا ساٿي (Party comrades) شامل ٿي سگهن ۽ نئشنل سوشلسٽ تحريڪ جي پاليسيءَ موجب اُهي روشن خياليءَ سان متعارف ٿي سگهن. نازين NSDAP جي ميمبرن کي نازي پارٽيءَ جي 1933ع، 1934ع ۽ 1936ع ۾ جاري ڪيل عدالتي فرمانن موجب ميمبر ٿيڻ جي اجازت ڏني. اهڙيءَ ريت 1937ع ۾ اڌ کان وڌيڪ ’روٽيرين‘، نازي پارٽيءَ جا ميمبر هئا.
1985ع ڌاري هن سماجي تنظيم سڄيءَ دنيا ۾ ٻارن کي پوليو کان بچائڻ لاءِ ’پوليو پلس‘ (Polio plus) رٿا متعارف ڪرائي ۽ مختلف ملڪن ۾ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جي ٽُڪن هڻڻ (Vaccination) ۽ ڦڙن پيارڻ جي مهم جي شروعات ڪئي وئي. هن رٿا هيٺ روٽري انٽرنيشنل 1985ع کان 2011ع تائين ٻن ارب ٻارن کي پوليو کان بچائڻ لاءِ 900 ملين آمريڪي ڊالر امداد فراهم ڪري چڪي آهي. روٽري انٽرنيشنل جي ’پوليو پلس‘ رٿا کان متاثر ٿي صحت جي عالمي اداري (WHO)، 1988ع ۾ هڪ قرارداد منظور ڪئي، جنهن موجب 2000ع تائين پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ امڪاني حد تائين ڪوششون ڪيون وينديون. ان قرارداد هيٺ ’روٽري انٽرنيشنل‘، يونيسيف، ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن، گلوبل پوليو ايراڊيڪيشن انيشيئيٽوِ ۽ آمريڪي اداري سينٽر فار ڊزيز ڪنٽرول اينڊ پريوينيشن سان گڏ پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ اقوام متحده جي بنيادي شراڪت دار آهي.
تازو هڪ رپورٽ موجب بروس ڪوهڪ (Bruce Cohick) ڄاڻايو آهي ته: افغانستان، پاڪستان، هندستان ۽ نائيجيريا ۾ روٽري انٽرنيشنل ۽ اقوام متحده جي ڪوششن ذريعي پوليو ۽ ٻين مهلڪ وائرس تي جلد ضابطو اچي ويندو.
صحت کان سواءِ هيءَ سماجي تنظيم تعليم جي شعبي ۾ به نمايان حيثيت رکي ٿي. تعليمي شعبي ۾ هن تنظيم جي پروگرامن جو آغاز 1947ع ڌاري ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن کي فيلوشپ ڏيڻ سان ڪيو ويو.
2002ع ۾ دنيا جي اٺن مقبول يونيورسٽين: ڪرسچن يونيورسٽي (جپان)، يونيورسٽي آف ڪوئنسلينڊ (آسٽريليا)، براڊ فورڊ يونيورسٽي (آمريڪا)، يونيورسيڊاد ريل سلويڊر (ارجنٽائين)، يونيورسٽي آف نارٿ ڪيرولين، چيپل هِل (آمريڪا)، ڊيوڪ يونيورسٽي (آمريڪا)، چُلالونگڪورن (Chulalongkorn) يونيورسٽي (ٿائيلينڊ) ۽ يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا، برڪلي (آمريڪا) جي گڏيل سهڪار سان مختلف تعليمي شعبن ۾ اسڪالرشپون ڏيڻ جي باقاعدي شروعات ڪئي وئي، جيڪو سلسلو اڃا تائين هلندڙ آهي.
ان کان سواءِ تعليمي نظام جي بهتريءَ ۽ واڌاري لاءِ روٽري انٽرنيشنل طرفان سال جي مختلف ڏينهن تي لٽريسي پروگرام هيٺ عالمي سطح تي ڪانفرنسون، سيمينار، ورڪشاپ ۽ ريليون منعقد ڪرايون وينديون آهن. خاص ڪري هر سال 8 سيپٽمبر تي ’عالمي خواندگيءَ جو ڏهاڙو‘ پڻ ملهايو ويندو آهي.
روٽري انٽرنيشنل سان لاڳاپيل ڪي ننڍيون تنظيمون روٽري ايڪٽ، روٽري ڪميونٽي ڪارپس، روٽري سينٽر فار انٽرنيشنل اسٽڊيز، روٽري ڪلب وغيره انساني ۽ سماجي ڀلائيءَ واريون سرگرميون سرانجام ڏئي رهيون آهن، جڏهن ته انتظامي مقصدن لاءِ روٽري انٽرنيشنل جو هيڊڪوارٽر، ايوانسٽن، ايلينوئس، آمريڪا ۾ واقع آهي.
سڄيءَ دنيا ۾ هن سماجي تنظيم جي 3200 کان وڌيڪ ڪلبن کي خاص انتظامي مقصدن هيٺ 529 مخصوص علائقن ۽ 34 خطن ۾ ورهايو ويو آهي. 2001ع کان هن بين الاقوامي سماجي تنظيم جي صدارتي عهدي تي هيٺيان فرد مقرر رهيا: رچرڊ ڊي. ڪنگ (02-2001)، بيچائي راتاڪل (03-2002)، جوناٿن بي. ماجيياگني (04-2003)، سر گلن اِي. ايسٽس (05-2004)، ڪارل ولهيلم اسٽين هيمر (06-2005)، وليم بوئر (07-2006)، ولفرڊ جي. ولڪنسن (08-2007)، ڊونگ ڪرن لِي (09-2008)، جان ڪيني (10-2009)، ري ڪلنگسمٿ (11-2010)، ڪليان بينرجي (12-2011) ۽ موجوده وقت ۾ ’ساڪو جي تناڪا‘ هن تنظيم جو صدر آهي.
1911ع کان روٽـري انٽـرنيــشـنــل تنـظـيـم جـو ماهوار رســالــو ‘The Rotarian’ ۽ ‘The National Rotarian’ نالي سان شايع ٿي رهيو آهي. انگريزي ۽ 20 ٻين ٻولين جي ترجمي سان 130 ملڪن ۾ پڙهيو وڃي ٿو. هن رسالي ۾ روٽري انٽرنيشنل جي سمورين سرگرمين جو تفصيلي جائزو پيش ڪيو ويندو آهي.
ورهاڱي کان اڳ پاڪستان ۾ روٽري انٽرنيشنل جا 3 ڪلب: لاهور (1927ع)، ڪراچي (1933ع) ۽ حيدرآباد (1939ع) ۾ قائم هئا.
سنڌ جي اندر موجود ٻه شاخون (ڪراچي ۽ حيدرآباد) اهڙيون آهن، جيڪي پاڪستان جي قيام کان اڳ به سرگرم هيون ۽ اڄ تائين فعال آهن.
روٽري ڪلب جي ڪراچيءَ واري شاخ 11 مئي 1933ع تي قائم ٿي، جڏهن ته حيدرآباد واري شاخ 5 مارچ 1939ع تي قائم ڪئي وئي. سنڌ جي گاديءَ جي شهر ڪراچيءَ جي شاخ جا باني ۽ ڪي ٻيا اهم ميمبر هئا: حاتم علوي، طيب جي، حڪيم محمد احسن، جمشيد نسروانجي ميهتا، ڊنشا اواري، ڊاڪٽر سهراب انڪلسريا، يوسف حنا ۽ احمد جعفر. هنن ميمبرن پنهنجي دؤر ۾ تمام گهڻيون سماجي ڀلائيءَ جون رٿائون ٺاهي، سماج جي صحت، تعليم، معيشيت ۽ ٻين شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. گذريل 70 سالن ۾ هن شاخ طرفان مڪمل ٿيل رٿائن ۾ ڪي اهم آهن: اوجها سينيٽوريم ۾ هڪ گهرڙو، گِزري باغ ڪالونيءَ ۾ هڪ ڪلينڪ، افغان پناهگيرن لاءِ سلائي مشينون ۽ ٻيا روزگار جا وسيلا مهيا ڪرڻ ۽ ٽي. بيءَ جي مريضن لاءِ هڪ مرسڊيز بينزوئن ۾ ايمبولنس، سول اسپتال ۽ اوجها سينيٽوريم کي وقت به وقت جديد مشينري فراهم ڪرڻ وغيره. هن وقت تائين هلندڙ رٿائن ۾ خيرپور ۾ اکين جي ڪئمپ، جيڪا ڊاڪٽر هوشنگ انڪلسريا هلائيندو آهي؛ گونگن، ٻوڙن ۽ نابينن جي اسڪول ’ايڊاريو سينٽر‘ ۾ ٻُڌڻ ۽ ڏسڻ جا هر سال اوزار مهيا ڪرڻ؛ ڪراچيءَ جي غريب آبادين ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي فراهمي يقيني بڻائڻ شامل آهن.
هن ڪلب جا چونڊن ذريعي گورنر ۽ شاخن جا صدر ۽ سيڪريٽري چونڊيا ويندا آهن. ڪراچي شاخ سنڌ بلوچستان ڊسٽرڪٽ (نمبر: 3271 سميت) جا ورهاڱي کانپوءِ چونڊيل ڪي گورنر هئا: حڪيم محمد احسن، يوسف چناءِ، قاسم دادا ۽ عبدالعزيز ميمڻ وغيره.
13-2012ع جا عهديدار آهن: انجم پرويز قريشي (صدر)، صلاح الدين بندوق والا (نائب صدر)، ڊاڪٽر فيروز اسماعيل (سيڪريٽري) وغيره. هن وقت هن شاخ جا 130 ميمبر آهن.
ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي اهم شاخن کان سواءِ سنڌ جي ٻين ڪيترن شهرن، جهڙوڪ: نوابشاهه، خيرپور ميرس، ڪنب، سکر، روهڙي، جيڪب آباد، شڪارپور، لاڙڪاڻي، دادو، ميرپورخاص، ڪنري، ساماري، ڊگهڙي، بدين، مٺي، کپري، ٻانڌي، قاضي احمد، ڪوٽڙي، سڪرنڊ ۽ دوڙ وغيره ۾ روٽري ڪلب موجود آهن، جيڪي ڀلائيءَ جي سرگرمين ۾ مصروف عمل آهن.



هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1905.02.23  عيسوي

روٽري ڪلب جو بنياد اٽارني پائول پي. هيرس، 23 فبروري 1905ع ۾ پنهنجن ٽن دوستن: شيلي (Schiele)، گستاو اِي. لوهير (Gustave E. Loehr) ۽ هيرم اِي. شور سان گڏجي رکيو ۽ تنظيم جو نالو ’روٽري‘ تجويز ڪيو، ڇاڪاڻ ته ابتدائي طور اُهي مختصر ميمبر ڪلبن جون هفتيوار گڏجاڻيون هڪٻئي جي آفيسن ۾ منعقد ڪندا هئا.


1911.02.22  عيسوي

22 فيبروري 1911ع تي، هن سماجي تنظيم کي اتر آمريڪا کان ٻاهر ونيپيگ (Winnipeg)، مانيتوبا (Manitoba) ۽ ڪئناڊا (Canada) ۾ شاخون قائم ڪرڻ جي اجازت ملي.



سماجي تنظيم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سنڌ ويلفيئر اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشن
ٻالڪن جي ٻاري ۽ گرل گائيڊ
سنڌ رورل سپورٽ پروگرام
سنگت ڊيولپمينٽ فائونڊيشن
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن
روٽري انٽرنيشنل روٽري ڪلب
سنڌ ڊيولپمينٽ سوسائٽي SDS
سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن
رابيل رسورس سينٽر مٺي
سنڌي عورت تنظيم
سماجي تنظيم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون